شيرين عظيم

شيرين عظيم

شيرين عظيم

شيرين عظيم: پاڪستان ٽيليويزن جي نامياري پروڊيوسر شيرين عظيم، ريڊيو پاڪستان جي مشهور صداڪاره فاطمه خانم جي نياڻي هئي. هن پي. ٽي. وي لاءِ ٻين نامور پروديوسرن سان گڏجي ڪيترائي ڊراما ڪيا. ‘زير زبر پيش’، ‘انڪل عرفي’، ‘بندش’، ‘ڪرن ڪهاني’، ‘پرڇائيان’، ‘گڙيا’ ۽ ‘سنگسار’ وغيره جيڪي ڊراما ڏسندڙن ۾ تمام گهڻا مشهور ٿيا. سندس هدايتڪاريءَ ۾ ڊانس تي مبني ڊرامي ‘پايل’ کي بين الاقوامي اوارڊ پڻ مليو. هن پاڪستان ٽيليويزن جي نامياري پروڊيوسر اطهر وقار عظيم سان شادي ڪئي.
شيرين عظيم، 15 مارچ 1985ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو